زاهد علي مگسي

زاهد علي مگسي

زاهد علي مگسي

زاهد علي مگسي: تعليمدان ۽ ليکڪ زاهد علي ولد مولوي عبدالرحيم مگسيءَ، چوٿين اپريل 1942ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊريءَ جا ڪجهه درجا دادوءَ ۾پڙهيو، بعد ۾ حيدرآباد جينور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ سچل ڪامرس ڪاليج مان گرئجوئيشن تائين تعليم ورتائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ڪام ۽ حيدرآباد لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪيائين. ملازمت جو آغاز 1962ع کان ڪلرڪ جي حيثيت سان ڪيائين. بعد ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي 1969ع کان سنڌ مسلم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. زاهد مگسيءَ کي شروعات کان وٺي لکڻ پڙهڻ ۽ مطالعي جو وڏو شوق رهيو. هن جا ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب (1) ’ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچي تائين‘ (مصنف: احسان عليم) ۽ (2) ’تهذيبن جو ٽڪراءُ ۽ وچ اوڀر‘ (مصنف: احمد عبدالله) ڇپيل آهن. هن انگريزي- سنڌي ڊڪشنري به ترتيب ڏني، شاهه جي رسالي جي ڏسڻي (Index) به تيار ڪئي. ’اقتصاديات جا اصول‘ ڪتاب لکيائين. نور الهديٰ شاهه جي ڪتاب ’جلاوطن‘ جو اردو ترجمو به ڪيائين. ان کانسواءِ ڪارل مارڪس جا ڪيترا مضمون ترجمو ڪيائين، پر سندس اوچتي وفات سبب اهي اشاعت کان رهجي ويا. زاهد مگسي سنڌ گرئجوئيشن ايسوسيئيشن، سنڌ ڪاليج ٽيچرس ايسوسيئيشن، سنڌ يونيورسٽي ڪامرس گرئجوئيشن ايسوسيئيشن، مهراڻ تعليمي فائونڊيشن جو مرڪزي عهديدار به رهيو. سندس وفات، 22 جون 1998ع تي سندس ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي نامعلوم هٿياربندن جي حملي سبب واقع ٿي. پروفيسر زاهد علي مگسيءَ جي وفات کانپوءِ، وارثن ذاتي لائبريريءَ جا ڪتاب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي رفرنس ۽ رسورس سينٽر“ (لائبريري) لاءِ ڏنا، جتي سندس نالي سان ڪارنر قائم آهي.


لفظ زاهد علي مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.04.04  عيسوي

تعليمدان ۽ ليکڪ زاهد علي ولد مولوي عبدالرحيم مگسيءَ، چوٿين اپريل 1942ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1998.06.22  عيسوي

زاهد علي مگسي 22 جون 1998ع تي سندس ڪراچيءَ واري رهائشگاهه تي نامعلوم هٿياربندن جي حملي سبب واقع ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه خواجه
ڏهرسينه
سلطان محمد مهردار
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
جت ونهيون فقير سالاراڻي
شيخ اسحاق ملا اربعائي
راجن راهيجا
خليفو محمد صالح بائجوي
دائود شورو
عطر خان ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون